جاويد ميانداد

جاويد ميانداد

جاويد ميانداد

جاويد ميانداد: پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ مايه ناز بئٽسمين محمد جاويد ميانداد خان، 12 جون 1957ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس والدين ورهاڱي دوران احمدآباد (ڪڇ) مان لڏي ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿيا. هن شروعاتي توڙي اعليٰ تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. جاويد ميانداد 1975ع کان 1996ع تائين 22 سال پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ کيڏيو. سندس شمار پاڪستان جي وڌيڪ رنسون اسڪور ڪندڙ رانديگرن ۾ ٿئي ٿو. 1986ع ۾ شارجا ۾ ڀارت خلاف ڪرڪيٽ مئچ کيڏندي آخري بال تي ڇڪو هڻي، پاڪستاني ٽيم کي يادگار ڪاميابي ڏيارڻ سبب ملڪي توڙي عالمي سطح تي سندس مقبوليت ۽ مشهوري ٿي. هن 124 ٽيسٽ مئچن ۾ 189 اننگون کيڏي، 52.57 جي شرح سان 8832 رنسون اسڪور ڪيون، جنهن ۾ 23 سينچريون شامل آهن، جڏهن ته ٽيسٽ مئچن ۾ هن 6 ڀيرا ڊبل سينچريون به ٺاهيون آهن. ٽيسٽ مئچن ۾ هن جو سڀ کان وڌيڪ اسڪور 280 (ناٽ آئوٽ) آهي، جيڪو هن پاڪستان جي روايتي حريف ڀارتي ٽيم جي خلاف ٺاهيو.

هڪ ڏينهن وارين 233 مئچن ۾ 41.70 جي شرح سان هن 7381 رنسون ٺاهيون، جن ۾ 8 سينچريون ۽ 50 ففٽيون به شامل آهن، جڏهن ته هن جو وڌ ۾ وڌ اسڪور 117 (ناٽ آئوٽ) آهي.

جاويد ميانداد 1980ع ۾ طاهره سهگل سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس 2 پٽن ۽ هڪ ڌيءُ جو اولاد آهي. هن جي وڏي پٽ جنيد ميانداد، انڊر ورلڊ جي ڊان طور مشهور، دائود ابراهيم جي ڌيءَ ماهه رُخ سان شادي ڪئي آهي.

هن پنهنجي ڪيريئر دوران 6 ورلڊ ڪپ کيڏيا آهن، 1992ع واري ورلڊ ڪپ جي تاريخي ڪاميابيءَ ۾ سندس محنت جو خوب دخل هو. هيءُ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ميمبر ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ٽي ڀيرا ڪوچ به رهي چڪو آهي.



لفظ جاويد مياندادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.06.12  عيسوي

جاويد ميانداد: پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ مايه ناز بئٽسمين محمد جاويد ميانداد خان ، 12 جون 1957ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو .



رانديگر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاويد ميانداد
رانديگر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون